حبا بخاري ريٽنگ ڪوئين آهي،شهريار منور

ڪراچي: پاڪستان جي مشهور اداڪار، فلم پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، اسڪرين رائٽر ۽ ٽي وي ميزبان شهريار منور اداڪارا حبا بخاري کي ريٽنگ ڪوئن قرار ڏئي ڇڏيو آهي.حبا بخاري جي همعصر اداڪاره شهر منور جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اداڪارا پرسڪون ۽ ٺهڪندڙ شخصيت آهي، هوءَ ريٽنگ ڪوئن ۽ ڊرامي انڊسٽري جي مصروف ترين اداڪارا آهي.واضح رهي ته حبا بخاري ۽ شهريار منور نج ٽي وي ڊرامي سيريل ”رد“ ۾ گڏ نظر اچي رهيا آهن، انڊسٽري جي هن نئين جوڙي کي مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو پيو وڃي.تازو ئي اداڪار شهريار منور ساٿي اداڪارا حبا بخاري سان گڏ هڪ انٽرويو ڏنو.ان دوران شهريار منور پنهنجي ڪو اسٽار سان پنهنجي شاندار دوستي جو به ذڪر ڪيو آهي.حبا بخاري بابت ڳالهائيندي شهريار منور چيو ته اها الڳ ڳالهه آهي ته حبا بخاري شوٽنگ لاءِ تمام دير سان تاريخون ڏئي ٿي پر هوءَ مصروف ترين ۽ ريٽنگ ڪوئن آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔