17 ورهين جو چيني بيڊمنٽن رانديگر ميچ دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

بيجنگ: 17 ورهين جو چيني بيڊمنٽن رانديگر ميچ دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي.

برطانوي خبرون ڏيندڙ اداري جي رپورٽ موجب انڊونيشيا جي صوبي بوگيڪارتا ۾ ايشيائي بيڊمنٽن ٽورنامينٽ جي دوران چيني رانديگر زانگ زي اوچتو ڪري فوت ٿي ويو

انڊونيشين بيڊمنٽن فيڊريشن موجب زانگ زي جو مقابلو گذريل آچر تي جاپان جي ڪاروما ڪاوائو سان هو.

سوشل ميڊيا تي رانديگرن جي آخري لمحن جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي جنهن جي ڪرڻ کان پوءِ اسپتال آندو ويو جتي ان جي موت جي تصديق ڪئي وئي. رانديگرن ۽ ٻين شخصيتن طرفان نوجوان رانديگر جي اوچتي موت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

پرڏيهي ميڊيا موجب زانگ زي پنهنجي مختصر ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي چيمپين شپون کٽي چڪو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔