پاڪستاني عوام کي غزه جنگ جي خاتمي لاءِ آمريڪا مان اميدون آهن: احسن اقبال

اسلام آباد: منصوبه بندي واري کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستاني عوام کي غزه ۾ جنگ ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ آمريڪا کان اميدون جڙيل آهن.

آمريڪي سفارتخاني ۾ آمريڪا جي 248هين يوم آزادي جي تقريب جي مهمان خصوصي جي حيثيت سان خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت طرفان آمريڪي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.

هن چيو ته پاڪستاني عوام غزه ۾ جنگ ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ آمريڪا مان اميدون جوڙيون آهن جڏهن ته جمون، ڪشمير جي عوام جي جمهوري حق خوداراديت جي حمايت لاءِ آمريڪا کان مثبت اميدون آهن.

وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گهرا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپا ايترا ئي پراڻا آهن جيترو پاڻ پاڪستان آهي. تازو ئي آمريڪي عوام جي ڪرڪيٽ جي راند ۾ گهري دلچسپي ڏٺي وئي. تازو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ مان ٻنهي ملڪن جي لکين ماڻهن مزو ماڻيو.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جغرافيائي حوالي سان خطي جو اهم ترين ملڪ آهي، پاڪستان قدرتي، انساني وسيلن ۽ صلاحيتن سان مالا مال ملڪ آهي، 60 سيڪڙو پاڪستانين جي عمر 30 سالن کان گهٽ آهي. باصلاحيت نوجوان اسان جي آبادي جو اهم ترين اثاثو آهن. نوجوانن جو وڏو انگ پاڪستان کي جدت، صنعتڪاري ۽ اقتصادي ترقي جا وڏا موقعا پيش ڪري ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔