فيصل واوڊا سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري ورتي

اسلام آباد:  سينيٽر فيصل واوڊا سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي گهري ورتي آهي.

رپورٽ موجب توهين عدالت ڪيس ۾ سينيٽر فيصل واوڊا سپريم ڪورٽ ۾ ٻيون جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. لکت واري جواب ۾ سينيٽر فيصل واوڊا موقف اختيار ڪيو ته عدليه جو مڪمل احترام ڪريان ٿو. 5 جون جي عدالتي ڪارروائي کان پوءِ مذهبي اسڪالرز سان ملاقات ڪئي ۽ ان کان پڇيو ته هڪ سينيٽر جو ڪردار ڪهڙو هجڻ گهرجي. مون کي راءِ ڏني وئي ته انصاف سان بيٺل رهو پوءِ ڀلي اها ڳالهه اوهان جي سوچ جي خلاف ئي ڇو نه هجي.

فيصل واوڊا پنهنجي جواب ۾ قرآن ۽ حديثن جا حوالا به ڏنا آهن. لکت واري جواب ۾ سينيٽر چيو ته اسلامي تعليمات جي روشني ۾ سچي دل سان غير مشروط معافي گهران ٿو. سپريم ڪورٽ کان استدعا آهي ته توهين عدالت جو جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي.

هن چيو ته منهنجي پريس ڪانفرنس سان جيڪڏهن عدليه جو وقار مجروح ٿيو ته غير مشروط معافي گهران ٿو، پاڻ کي عدالت جي رحم تي ڇڏيان ٿو، استدعا آهي ته توهين عدالت ڪيس ۾ جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي.

ياد رهي ته چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 ججز کي 28 جون تي سينيٽر فيصل واوڊا جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻي آهي.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔