توانائي جي متبادل ذريعن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اسان کي توانائي جي متبادل ذريعن خاص ڪري سولر انرجي جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.اها ڳالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پيٽروليم ڊويزن جي اجلاس ۾ چئي.وزيراعظم ٿرڪول جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٿرڪول پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو.هن هدايت ڪئي ته ٿر ڪول کي ملڪ جي ٻين حصن تائين پهچائڻ لاءِ ريلوي لائين جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کنيا وڃن.اجلاس ۾ پيٽروليم ۽ گيس جي شعبن جي حوالي سان پيش رفت ۽ تجويزن تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪاربن جو مقدار تمام گهٽ هجڻ باوجود پاڪستان موسمياتي تبديليءَ جي منفي اثرن کان متاثر ٿيندڙ پنجون ملڪ آهي.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته متبادل توانائي تي ٻڌل مصنوعات جي پروموشن ذريعي موسمي تبديلين جي نقصانڪار اثرن تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن،اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽائيٽل گيس جي پيداوار ۾ واڌ جي حوالي سان پلان آف ايڪشن تيار ڪيو ويندو، تيل ۽ گئس پائيپ لائينن مان چوري روڪڻ لاءِ سمارٽ ميٽرز لڳائڻ جو ڪم ڪيو ويندو.اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني وئي ته اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن، گاڏين ۽ اليڪٽرڪ گهرو مصنوعات بابت پاليسي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پيٽروليم سيڪٽر کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ جي تجويزن تي ڪم ڪيو ويندو.اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولا واري عمل کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز ڪيو ويندو، پيٽروليم ۽ گيس جي شعبي ۾ مقابلي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته مقامي سطح تي تيل ۽ گئس جي پيداوار وڌائڻ لاءِ حڪمت عمليون تيار ڪيون پيون وڃن، بائيو فيول جي فروغ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔