ڇوڪريون پنهنجي زندگي جو اختيار پاڻ وٽ رکن،اداڪاره ثمينه

لاهور : پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور سينيئر اداڪارا ثمينه احمد سڀني عورتن کي صلاح ڏني آهي ته هو پنهنجي زندگي پنهنجي هٿن ۾ وٺن ۽ پنهنجن خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪن،تازو ئي شوبز انڊسٽري جي مشهور سينيئر فنڪارن جوڙو اداڪاره ثمينه احمد ۽ اداڪار منظر هڪ خانگي يوٽيوب پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ شادي شده زندگي ۾ پيار، مطابقت ۽ برابري جي اهميت تي کليل دل سان ڳالهايو.ان انٽرويو دوران هڪ سوال جو جواب ڏيندي سينيئر اداڪارا نوجوانن خاص طور تي عورتن تي زور ڀريو ته هو پنهنجن خوابن کي ڪڏهن به ساڀيان ڪن.پنهنجن جذبن ۽ خوابن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به وقت جو انتظار نه ڪريو پر انهن کي فوري طور تي پورو ڪريو نه ته توهان زندگي ۾ پشيمانيءَ سان رهجي ويندا.ثمينه احمد موجب پنهنجا خواب ڪڏهن به اُجارا نه ڇڏين، خاص ڪري ڇوڪرين لاءِ ته پنهنجن خوابن کي پورو ڪرڻ تمام ضروري آهي، جنهن تي سندس مڙس به سندس حمايت ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔