سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ پاران مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي جاري

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ پاران مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي جاري

 سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته نامزدگي ڪاغذن ۾ چيئرمين جي سني اتحاد ڪائونسل سان وابستگي ظاهر ٿئي ٿي، سني اتحاد ڪائونسل جو نشان نه ملڻ تي چيئرمين آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهي، جي يو آءِ ف ۾ به اقليتن کي رڪنيت نه ٿي ڏني وڃي

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته توهان هوا ۾ ڳالهه ڪئي آهي، اهڙا بيان نه ٿا ڏئي سگهو، توهان دستاويز ڏيو، فيصل صديقي چيو ته مان دستاويز به ڏيندس، اليڪشن ڪميشن به ڪنفرم ڪندي

جسٽس منيب اختر سوال ڪيو ته ڇا نامزدگي ڪاغذن سان گڏ پارٽي ٽڪيٽ جمع ڪرائي وئي هئي؟ فيصل صديقي چيو ته حامد رضا کي پارٽي سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ کان روڪيو پئي ويو، اليڪشن ڪميشن زبردستي آزاد اميدوار جو نشان الاٽ ڪيو

 چيف جسٽس چيو ته فيصل صديقي صاحب ڪاغذن کانسواءِ توهان کي ڳالهه ڪرڻ نه ڏينداسين، فيصل صديقي چيو ته نامزدگي ڪاغذن جو ريڪارڊ اليڪشن ڪميشن کان گهريو ويو هو

 اليڪشن ڪميشن حامد رضا جا نامزدگي ڪاغذ پيش ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس نامزدگي ڪاغذن جون ڪاپيز ڪرائي ججز حوالي ڪرڻ جي هدايت ڏني

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔