اسيمبلي جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي سستي رهي،فافن

اسلام آباد: فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ(فافن) قومي اسيمبلي جي شروعاتي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي تي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. فافن جي رپورٽ موجب قومي اسيمبلي جي شروعاتي 100 ڏينهن ۾ قانونسازي جو عمل سست رهيو، قائمه ڪميٽين جي جوڙجڪ ۾ دير سبب اسيمبلي جي ڪارڪردگي به متاثر ٿي. فافن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سيڪيورٽي خدشن جي آڙ ۾ قومي اسيمبلي جي گيلري تائين شهرين جي پهچ تي پابندي به ڪارڪردگي تي اثر انداز ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل طور تي ايوان 66 ڪلاڪ ۽ 33 منٽن تي ٻڌل 23 اجلاس ڪيا، هائوس جي موجوده 310 ميمبرن مان 159 (51 سيڪڙو) ميمبرن فعال ٿي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. ايوان ۾ ميمبرن جي حاضري 231 رهي جنهن ۾ سڀني کان وڌيڪ 302 ۽ سڀني کان گهٽ 176 آهي. فافن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي 23 مان صرف 2 اجلاسن جي ڪارروائي ۾ شرڪت ڪئي جيڪا 10 سيڪڙو بڻجي ٿي جڏهن ته ماضي ۾ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف 26 سيڪڙو ۽ عمران خان 29 سيڪڙو اجلاسن جو حصو بڻيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔