هڪ سال دوران دوائون 35 سيڪڙو مهانگيون ٿي ويون

اسلام آباد: ملڪ ۾ دوائن جي قيمتن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي ويو آهي، گذريل هڪ سال دوران دوائون 35 سيڪڙو مهانگيون ٿي ويون.

ميڊيا رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال دوران بلڊ پريشر جون مختلف دوائون 300 روپين مان وڌي 725 روپين تائين، شوگر جون دوائون 840 کان 1507 روپيه جڏهن ته گڙدن جون دوائون 525 روپين تائين پهچي ويون.

مارڪيٽ ۾ ساهه ۽ دم جون دوائون 1100 کان 1730 روپين ۾ وڪر وٿي رهيون آهن. شهرين موجب ماني يا دوا مان ڪا هڪ ئي شيءَ کائي سگهون ٿا.

ٻئي طرف  فارماسسٽس ٻڌايو ته ڊالر سبب خام مال جي قيمت ۽ پوءِ ڪمپنين جي پيداواري لاڳت ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سبب دوائن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو.

معاشي ماهرن موجب دوائن جي خام مال تي ڪابه ڊيوٽي ناهي لڳائي وئي پر جيڪڏهن بجيٽ ۾ فڪس جي ايس ٽي جي شرح وڌائي وئي ته حياتي بچائيندڙ دوائون به شهرين جي پهچ ۾ نه رهنديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔