موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي، ڪجهه هنڌن تي برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

اسلام آباد:  موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سخت گرمي رهندي، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف ميداني علائقن ۾ موسم وڌيڪ گرم رهندو. ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف مٿانهين ضلعن ۾ گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي

سنڌ جي ساحلي علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جڏهن ته سنڌ جي اوڀر ۽ ڏاکڻي ضلعن ۾ تيز هوائون هلڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ مٿانهين خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جي اميد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔