بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي ۾ 20 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان

اسلام آباد: بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي ۾ 20 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ ليوي 60 رپين مان وڌي 80 رپيا في ليٽر ٿي ويندي.

ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس ۽ ليوي وڌائڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي ۾ 20 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي، جنهن کانپوءِ ليوي 60 رپين مان وڌي 80 رپيا في ليٽر ٿي ويندي.

ذريعن موجب نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس لڳائڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، ليوي وڌائڻ جو فيصلو وفاقي آمدني وڌائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت پيٽروليم شين تي ليوي 60 رپيا في ليٽر ۽ پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس جي شرح ٻڙي آهي.

ذريعن موجب 9 مهينن ۾ پيٽروليم شين تي ليوي جي مد ۾ 720 ارب رپيا وصول ڪيا ويا، جڏهن ته هلندڙ مالي سال پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 869 ارب رپيا وصولي جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔