ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به موسم گرم ۽ خشڪ رهندو: موسميات کاتو

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. سومر تي ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گرمي پد بهکر ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

ان کان علاوه جيڪب آباد، سبي 46، موهن جو دڙو، گوجرانوالا، خيرپور، سکر 45، ملتان، ڊيرا غازي خان، ڊيرا اسماعيل خان 43 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب لاهور، فيصل آباد، پشاور 42، اسلام آباد 41، مظفر آباد 40، ڪراچي، ٺٽه 36، ڪوئٽه 35 ۽ گلگت ۾ 33 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔