عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 1 ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن: عالمي بينڪ پاڪستان جي لاءِ هڪ ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

عالمي بينڪ جي جاري ڪيل پڌرائي موجب ملندڙ قرض جي رقم داسو هائيڊرو پاور منصوبي جي لاءِ استعمال ٿيندي

پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فنڊز داسو هائيڊور منصوبي جي فيز ون تي خرچ ڪيا ويندا ۽ انهي رقم سان پن بجلي جي سپلاءِ ۾ اضافو ٿيندو. عالمي بينڪ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته داسو منصوبي سان پاڪستان ۾ سستي بجلي پيدا ٿي سگهندي ۽ منصوبو مڪمل ٿيڻ تي 4320 مان 5400 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. عالمي بينڪ موجب داسو هائيڊرو منصوبو پاڪستان لاءِ گيم چينجر  ثابت ٿيندو.

ٻئي طرف واپڊا ترجمان چيو آهي ته عالمي بينڪ اڳ ئي داسو ڊيم پراجيڪٽ جي لاءِ 588 ملين ڊالر قرض ڏئي رهيو آهي ۽ هاڻ وڌيڪ هڪ ارب ڊالر جي منظوري ڏني آهي جڏهن ته عالمي بينڪ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي لاءِ 460 ملين ڊالر جي ڪريڊٽ گارنٽي به ڏئي رهيو آهي.

واپڊا ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته واپڊا هن وقت 26 ارب ڊالر سان داسو ڊيم سميت 8 وڏا منصوبا تعمير ڪري رهيو آهي. تعمير هيٺ منصوبا ايندڙ 5 سالن ۾ مرحليوار مڪمل ٿيندا ۽ انهن منصوبن جي تعمير لاءِ گڏيل مالي حڪمت عملي ترتيب ڏني آهي. منصوبن جي مڪمل ٿيڻ تي 9.7 ملين ايڪڙ فٽ وڌيڪ پاڻي ذخيرو ڪري سگهبو ۽ واپڊا  پن بجلي جي پيداوار به ٻيڻي ٿي 20 هزار ميگاواٽ ٿي ويندي. ترجمان موجب داسو پراجيڪٽ سان بجلي جي پيداوار 2026 ۾ شروع ٿي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔