سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافي جو امڪان، وفاقي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪئي ويندي

اسلام آباد: وفاقي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافي جو امڪان آهي.

وفاقي حڪومت طرفان گڏيل حجم ارڙنهن هزار ارب روپين جي لڳ ڀڳ حجم تي ٻڌل وفاقي بجيٽ سڀاڻي(اربع) تي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافي جو امڪان آهي. جڏهن ته ٽيڪس وصولين جو حدف 12.9 ٽريلين روپيه مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب بجيٽ ۾ وياج ۽ قرضن جي ادائيگين جو اندازو 9.5 ٽريلين روپيه لڳايو ويو آهي. توانائي جي شعبي ۾ سبسڊيز لاءِ 800 ارب مقرر ڪرڻ ۽ وفاقي ٽيڪس روينيو 12.9 ٽريلين روپين جي لڳ ڀڳ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو جو شروعاتي اندازو 2100 ارب روپيه لڳايو ويو آهي.

ذريعن موجب اضافي ٽيڪس حدف پورو ڪرڻ لاءِ سيلز ٽيڪس جي شرح وڌيڪ هڪ سيڪڙو وڌڻ جو امڪان آهي جنهن سان اربين روپين جو اضافي روينيو ملڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔