پراپرٽي ٽيڪس ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ پراپرٽي ٽيڪس ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار پراپرٽي ٽيڪس ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو.اجلاس دوران ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته ٻوٽا مهم ۾ ڪهڙا وڻ لڳايا ويا آهن،ضياءَ لنجار چيو ته ٻوٽا پوکڻ واري مهم ۾ وڌيڪ ٻوٽا پوکيا پيا وڃن، ٻوٽن جي ڪا ايريا پاليسي ناهي.علي خورشيدي چيو ته سنڌ ۾ روڊن تي ٻوٽا پوکيا ويا آهن، گوگل ميپ ۾ سنڌ کي ڏسو ته توهان کي گهٽ سبزي نظر ايندي، ٻيلي کاتي سنڌ کي سرسبز بڻائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن،ضياءَ لنجار چيو ته سنڌ جي ٻيلي کاتي جو نالو ٽي ڀيرا گينيز ورلڊ رڪارڊ ۾ آيو آهي، ڪراچي ۾ 23-2022ع ۾ 12 لک ٻوٽا لڳايا ويا آهن.ايم ڪيو ايم جي ميمبر فوزيه حميد چيو آهي ته امتحانن دوران لوڊشيڊنگ وڏو مسئلو آهي.ناصر حسين شاهه چيو ته ورلڊ بئنڪ تحت 100 اسڪولن کي سولر ڪيو پيو وڃي، ڪراچي ۾ ڪجهه وڏن تعليمي ادارن کي سولر ڪيو پيو وڃي، ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن سان ملاقات ۾ سمورين پارٽين کي نمائندگي ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔