شاعر احمد فرهاد جي گرفتاري غير قانوني قرار

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاعر احمد فرهاد جي گرفتاري غير قانوني قرار ڏئي ڇڏي ۽ چيو ته مغوي شاعر کي جبري طور گم ڪيو ويو ۽ ادارا بازياب ۾ ناڪام رهيا.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاعر احمد فرهاد ڪيس اڪلائڻ جو اردو ۾ لکت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس محسن اختر ڪياني 4 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو.

فيصلي ۾ چيو ويو عدالت کي ٻڌايو ويو ته احمد فرهاد دير ڪوٽ ٿاڻي ۾ گرفتار آهي، فرهاد علي شاهه پوليس اسٽيشن صدر، مظفرآباد جي ڪيس ۾ به گرفتار آهي.

فيصلي موجب انهن حالتن کي ڏسندي احمد فرهاد کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو، حقيقتن ۽ واقعن کي نظر ۾ رکي عدالت نتيجي تي پهتي ته مغوي کي جبري طور گم ڪيو ويو ۽ ادارا مغوي شخص کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا.

عدالت چيو ته احمد فرهاد جي حفاظت سان گهر پهچڻ تي جاچ آفيسر مئجسٽريٽ سامهون بيان قلمبند ڪرائي، حقيقتون ڏسي عدالت گرفتاري رڪارڊ موجب غير قانوني قرار ڏئي ٿي، پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي آئين تحت حقن جو تحفظ ادارن جي ذميواري آهي.

لکت فيصلي موجب عدالت پٽيشن کي انهن حڪمن سان گڏ اڪلائڻ جو حڪم ڏئي ٿي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔