پي سي بي پاران ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان پوءِ قومي ٽيم ۾ وڏي پيماني تي تبديلين جو فيصلو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان پوءِ قومي ٽيم ۾ وڏي پيماني تي تبديلين جو ارادو رکي ٿي.

آپريشن ڪلين اپ ۾ ڪجهه رانديگرن، قومي سليڪشن ڪميٽي کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ ان کان اڳ سيريز جي ڪارڪردگي تي گهر روانو ڪيو ويندو.

اڳوڻي ٽيسٽ فاسٽ بالر وهاب رياض کي به پنهنجي جڳهه برقرار رکڻ مشڪل آهي، قومي سليڪشن ڪميٽي کي تبديل ڪرڻ جي تجويز آهي. سومر تي محسن نقوي نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي امڪاني تبديلين جي حوالي سان چيو ته قومي ٽيم کي ننڍي نه پر وڏي سرجري جي ضرورت آهي.

ذريعن چيو آهي ته ڪپتان بابر اعظم، هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن، سينئر مئنيجر وهاب رياض ۽ اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود جون رپورٽن جي بنياد تي تبديليون ڪيون وينديون ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر محمد حفيظ جي رپورٽ جو به جائزو ورتو ويندو.

محمد حفيظ رانديگرن تي گروپ بندي ۽ ڪارڪردگي جي بجاءِ پئسن کي اهميت ڏيڻ جا الزام لڳائي چڪو آهي. آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دورن کان پوءِ ان جي رپورٽ اهميت جوڳي هئي ورلڊ ڪپ کان پوءِ اعظم خان، افتخار احمد، عثمان خان، محمد عامر ۽ عماد وسيم جي ٽيم ۾ جڳهه برقرار رکڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي.

ذريعن موجب پاڪستاني ٽيم ۾ 3 سينئر رانديگرن گروپ ايجنٽ جي چوڻ تي پي سي بي اختيارين کي بليڪ ميل ڪيو. ڪجهه مهينا اڳ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي لاءِ پي سي بي تي دٻاءُ وجهي معاوضن ۾ اضافو ڪرايو ويو.

گذريل سال چيئرمين، چيف آپريٽنگ آفيسر ۽ پي سي بي اختيارين کي ميٽنگ ۾ بليڪ ميل ڪندا رهيا ۽ معاوضن ۾ اضافو ڪيو ويو. ٽنهي رانديگرن جو مئنيجر هڪ ئي آهي.

ٻڌايو پيو وڃي ته شاداب خان انهن ٽنهي رانديگرن جي ويجهو آهي جنهن جي ڪري شاداب کي به فارغ ڪري سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن انهي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ته اهو بچي به سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔