ٻارن جي اسمگلنگ جو ڪيس: صارم برني جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي: ٻارن کي غيرقانوني طور تي پرڏيهه اماڻڻ ۽ اسمگلنگ جي ڪيس ۾ جوابدار صارم برني جي ضمانت واري درخواست عدالت رد ڪري ڇڏي.

ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي عدالت ٻارن کي غيرقانوني طور تي پرڏيهه اماڻڻ ۽ اسمگلنگ جي ڪيس ۾ جوابدار صارم برني جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي محفوظ ڪيو هو.

پراسيڪيوٽر ايف آءِ اي دليل ڏيندي چيو ته وڌيڪ ثبوت جمع ڪرڻا آهن جوابدار کي ضمانت ڏني وئي ته ان سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندو جڏهن ته جوابدار لاڳيتو ڪوڙ جو سهارو وٺي رهيو آهي جاچ جي دوران وڌيڪ انڪشاف سامهون آيا آهن.

حيا نالي  ٻارڙي جي والده افشين بيان ڏنو ته ڌيءَ کي وٺڻ لاءِ صارم برني سان رابطو ڪيو پر انهي مون کي ٻارڙي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ضمانت ڏني وئي ته جوابدار جاچ تي اثر انداز ٿيندو.

ٻڌڻي کان پوءِ وڪيل صفائي ۽ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ صحافين سان ڳالهين ۾ چيو ته اڃان تائين لکت ۾ فيصلو ناهي مليو، اسان انهي فيصلي مان مطمئن نه آهيون جيڪو ڪيس هو اهو چٽو هو ان ۾ جن ٻارن جو ذڪر ڪيو ويو هو اهي عدالت ۾ موجود هئا ڪوبه سڌو سنئون شڪايت ڪندڙ نه آهي ڪنهن به معاملي ۾ ڪابه شڪايت نه هئي. اهڙي سموري صورتحال مان نٿو لڳي ته ضمانت رد ٿيڻ گهرجي ها. عامر نواز وڙائچ  ٻڌايو ته اسان انهي فيصلي کي سيشن عدالت ۾ چئلينج ڪنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔