ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: قومي ٽيم اڄ ڪينيڊا سان مهاڏو اٽڪائيندي

نيويارڪ: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل(آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 ۾ قومي ٽيم اڄ ڪينيڊا سان مهاڏو اٽڪائيندي.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 22هين ميچ ۾ پاڪستان ۽ ڪينيڊا جون ٽيمون نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون. پاڪستاني وقت موجب ميچ شام ساڍي 7 وڳي شروع ٿيندو.

آمريڪا ۽ ڀارت کان شڪست کان پوءِ قومي ٽيم جي سپر 8 مرحلي ۾ پهچ مشڪل نظراچي رهي آهي 2 ميچن ۾ شڪست کان پوءِ پاڪستان کي ايندڙ مرحلي ۾ پهچڻ جي لاءِ هاڻ ٻين ٽيمن تي ڀاڙڻو پوندو. پاڪستان کي سپر 8 مرحلي تائين پهچ جي لاءِ رهيل 2 ميچ کٽڻا ۽ آمريڪا کي ٻئي ميچ هارائڻا لازمي آهن.

پاڪستان کي ايندڙ 2 ميچ ڪينيڊا ۽ آئرلينڊ جي خلاف کيڏڻا آهن جڏهن ته آمريڪا کي ڀارت ۽ آئرلينڊ سان مقابلو ڪرڻو آهي.

ميزبان آمريڪا جيڪڏهن هڪ ميچ ٻيو کٽي ويو ته اهو سپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري وٺندو. آمريڪا جي خلاف آئرلينڊ ۽ ڀارت جي فتح جي صورت ۾ پاڪستان جو آئرلينڊ جي خلاف ميچ ناڪ آئوٽ هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔