پرڏيهه ۾ پناهه وٺندڙ پاڪستانين کي پاسپورٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزارت پرڏيهه ۾ پناهه وٺندڙ پاڪستانين کي پاسپورٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.رپورٽ موجب گهرو وزير اهو وڏو فيصلو قومي سلامتي ۽ تحفظ جي حوالي سان ڪيو آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي وزارت کي ان حوالي سان قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.رپورٽ موجب محسن نقوي جي هدايت تي وفاقي گهرو وزارت ان حوالي سان پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي خط موڪلي ڇڏيو آهي.وزارت طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اهڙن سمورن پاڪستانين کي پاسپورٽ نه ملندا جيڪي ڪنهن به بنياد تي ٻين ملڪن ۾ پناهه وٺندا آهن.ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اهڙن پاڪستانين جا پاسپورٽ رد ڪيا ويندا ۽ انهن جي تجديد نه ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔