ميٽا واٽس ايپ بزنس لاءِ نوان فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيا

واشنگٽن: ميٽا واٽس ايپ بزنس ايپ لاءِ آرٽيفيشل انٽليجنس ٽيڪنالاجي جا ڪجهه نوان فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن. مارڪ زڪربرگ طرفان برازيل ۾ ميٽا جي هڪ پريس ڪانفرنس دوران واٽس ايپ جي نون فيچرز جي باري ۾ ٻڌايو آهي. مارڪ زڪربرگ جو چوڻ هو ته اي آءِ اسسٽنٽ سان گڏوگڏ مختلف مقصدن لاءِ اي آءِ ايجنٽس به تيار ڪرڻ چاهيون ٿا. ميٽا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ واهپيدار اي آءِ کي استعمال ڪري فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جا اشتهار تيار ڪري سگهندا، جن تي ڪلڪ ڪري واهپيدار ڪنهن به ڪاروباري اداري سان واٽس ايپ چيڪ ڪري سگهندا. ڪمپني موجب هو اهڙن اي آءِ ڪسٽمر سپورٽ جي آزمائش به ڪري رهيا آهن، جيڪي پاڻمرادو واهپيدارن جي سوالن جا جواب ڏيندا. ان فيچر جي آزمائش ڀارت ۽ سنگاپور ۾ ٿي رهي آهي ۽ جلد ئي برازيل ۾ به متعارف ڪرايو ويندو. ميٽا اهو به ٻڌايو آهي ته اي آءِ ميسيجز ۾ اهڙا ليبل موجود هوندا جن سان واهپيدارن کي ڪنهن روبوٽ سان ڳالهه ٻولهه جي خبر پئجي سگهندي. واٽس ايپ طرفان ميٽا ويريفائيڊ کي به بزنس ايپ جو حصو بڻايو پيو وڃي، جنهن ذريعي ڪاروباري ادارا پنهنجي اڪائونٽس کي ويريفائي ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔