اسرائيل گڏيل قومن جي بليڪ لسٽ ۾ شامل

نيويارڪ : گڏيل قومن غزه ۾ ٻارن جي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي اسرائيل کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو.عرب ميڊيا موجب گڏيل قومن جي بليڪ لسٽ ۾ روس، افغانستان، صوماليا، شام، يمن، داعش ۽ هوڪو حرام به شامل آهن جڏهن ته گڏيل قومن جي رپورٽ جون جي آخر تائين شايع ڪئي ويندي.پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي وفد ان فيصلي کي شرمناڪ قرار ڏيندي چيو ته کيس جمعي تي باضابطه طور تي فيصلي کان آگاهه ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔