دفاعي نظام ناڪام، حزب الله حملي ۾ اسرائيلي فوجي قتل

غزه : لبناني تنظيم حزب الله اسرائيل جي مضبوط دفاعي نظام ’آئرن ڊوم‘ کي ڊاهيندي اسرائيلي فوجي اڏن تي حملو ڪيو آهي.عالمي ميڊيا رپورٽن موجب حزب الله جي ڊرون حملن ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو ۽ 10 زخمي ٿي پيا آهن.رپورٽ موجب حزب الله جي بارود سان ڀريل 2 ڊرون اسرائيلي فوج جي ايئر ڊفينس سسٽم کي ڊاهيندي اسرائيلي شهر هارفش ۾ پراسرار آپريشن ڪيو.حزب الله ڊرون حملن جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اهو حملو ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي فوج پاران تازين موتمار حملن جي جواب ۾ ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ هڪ آفيسر جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته جاچ جاري آهي ته ارم ڊوم ڊرون کي ڪيرائڻ ۾ ناڪام ڇو ٿيو.بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته حزب الله ڊرون حملي ۾ مارجي ويل سپاهي جي سڃاڻپ 39 سالن جي اسٽاف سارجنٽ رفيل ڪوڊرز طور ٿي آهي.واضح رهي ته اسرائيلي فوج ۽ حزب الله وچ ۾ جهڙپ ۾ هن وقت تائين 15 اسرائيلي فوجي ۽ 11 شهري مارجي ويا آهن، جڏهن ته لبنان ۾ انهن جهڙپن سبب 455 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن، جن مان اڪثريت ويڙهاڪن جي آهي، پر موجب. انگن اکرن موجب، 88 عام شهري پڻ شامل آهن.اسرائيلي فوج موجب 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين 645 اسرائيلي فوجي مارجي ويا آهن جن مان 294 اسرائيلي فوجي فلسطيني علائقي ۾ حماس خلاف ويڙهه دوران مارجي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔