اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ 40 پارٽين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ چونڊ مهم جي خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن چونڊ مهم جي خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي 40 سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪيا هئا ۽ ان جي اڳواڻن کي اڄ طلب ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن ۾ طلب ڪيل پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن ۾ بي اين پي جو صدر اختر مينگل، پي ٽي آءِ نظرياتي جو اختر اقبال ڊار، پاڪسٽان جسٽس اينڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو صدر ۽ اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري شامل آهن.

اي اين جي صدر اسفنديار ولي، عوامي راج پارٽي جو جمشيد دستي،(ق) ليگ جو چوڌري شجاعت حسين ۽ ايم ڊبليو ايم جي راجا عباس ناصر کي به طلب ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔