ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: ايشيائي ترقياتي بينڪ(اي ڊي بي) پاڪستان جي لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.

رپورٽ موجب ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان 25 ڪروڙ ڊالر جي رقم حڪومت کي انفرااسٽرڪچر ۾ پائيدار سرمائيڪاري ۾ مدد جي لاءِ فراهم ڪئي ويندي. فنڊز سان حڪومت کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي خدمتن ۾ مدد ملندي.

ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اي ڊي بي حڪومت پاڪستان جي اصلاحات ۾ مدد ڪري رهيو آهي. نجي سرمائيڪاري کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي راغب ڪرڻ سان حڪومت کي سرڪاري شعبي ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ خلا کي پُر ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

جاري ڪيل پڌائي موجب ايشيائي ترقياتي بينڪ معاشي ترقي جي لاءِ حڪومتي پاليسين تي عمل ڪرڻ جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروگرام کي هٿي ڏئي رهيو آهي. اهو ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سرڪاري مينجمينٽ پروگرام جو حصو آهي.

گذريل مهيني ايشيائي ترقياتي بينڪ جي 57هين سالياني اجلاس جي موقعي تي اي ڊي پي جي پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر يونگ بي چيو هو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ طرفان پاڪستان جي مدد آءِ ايم ايف کان ڪلين چٽ ملڻ کان پوءِ ئي ممڪن آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔