وزيراعظم شهباز شريف چين جي دوري تي روانو ٿي ويو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چين جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم سان گڏ ان جي ٽيم به چين روانو ٿي آهي جنهن ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب ۽ مصدق ملڪ سميت چيئرمين ايف بي آر به موجود آهي.

وزيراعظم چين جي خصوصي دعوت تي 4 کان 9 جون تائين چين جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم هائوس جي پڌرائي موجب وزيراعظم جو دورو چين سي پيڪ جي ٻئين مرحلي لاءِ اهميت جوڳو آهي. وزيراعظم پنهنجي دوري جي پهرين مرحلي ۾ چيني شهر شينزن ويندو جتي هو بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو.

ان کان علاوه وزيراعظم شيٽرن ۾ هواوي جي هيڊ ڪوارٽرز جو به دورو ڪندو جڏهن ته وزيراعظم دوري جي ٻئي مرحلي ۾ بيجنگ ويندو جتي سندس چين جي اعليٰ قيادت سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم چيني صدر ۽ وزيراعظم سان پڻ ملاقاتون ڪندو.

پڌرائي موجب وزيراعظم مختلف مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو هو بيجنگ ۾ مختلف ڪمپنين جي سربراهن ۽ سرمائيڪارن سان پڻ ملاقات ڪندو جڏهن ته هو عوامي يادگار جو پڻ دورو ڪندو.

وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري جي آخري مرحلي ۾ چيني شهر شيان ۾ مقامي قيادت سان ملاقاتون ڪندو هو چيني ماڊل فارمز وگرين ٽيڪنالاجي ڪمپنين جو دورو ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔