موسميات کاتي اڄ کان 7 جون تائين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي اڄ کان 7 جون تائين ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ طوفان سميت تيز هوائون هلڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي برساتن جو الرٽ جاري ڪيو آهي جنهن موجب ڪمزور مغربي هوائون اڄ 4 جون کان مٿانهين ۽ اوڀرين علائقن ۾ داخل ٿينديون. اهڙي سسٽم جي ڪري ملڪ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن سان برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته گلگت بلتستان، ڪشمير، اسلام آباد، گوجرانوالا، اوڪاڙه، فيصل آباد ۽ خوشاب ۾ برسات پوندي. جڏهن ته بهاوالپور، ڊيره غازي خان، ملتان ۾ به تيز هوا سان برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، ڪوئٽه ۽ بارکهان ۾ کنوڻ سان تيز برسات پئجي سگهي ٿي. برساتن دوران تيز هوائون لڳڻ سبب بيٺل فصلن ۽ ڪمزور انفرااسٽرڪچر کي نقصان پهچڻ جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔