ڪي پي ڪي حڪومت مخصوص سيٽن بابت بينچ ۾ چيف جسٽس جي شموليت تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد: خيبرپختونخواهه جي حڪومت سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن بابت بينچ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي شموليت تي اعتراض واري ڇڏيا.

ذريعن موجب گذريل ڏينهن ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ خيبرپختونخواهه حڪومت مخصوص سيٽن بابت بينچ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي شموليت تي اعتراض واريو ويو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته بينچ تي اعتراض بابت منظوري جي لاءِ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي به خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ بابت ڪوبه ڪيس چيف جسٽس نه ٻڌي.

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير ڏانهن لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته نوڪري بابت ڪنهن به آئيني ترميم جو فائدو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ٿيندو.

اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي لاءِ خواجه حارث ۽ وڌيڪ 2 وڪيل اڊيالا جيل ويندا. ايڊووڪيٽ جنرل آفيس ڪي پي ڪي ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل به وڪيلن جي ٽيم ۾ شامل هوندا.

ان حوالي سان ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي فيصل اتمان خيل چيو ته بينچ تي اعتراضن بابت خيبرپختونخواهه حڪومت ڪي به هدايتون نه ڏنيون. بطور ايڊووڪيٽ جنرل سمورن ججز تي اعتماد آهي.

ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس جي بينچ ۾ شموليت تي اعتراض بابت پارٽي طرفان ڪي به هدايتون نه مليون آهن. اعتراضن بابت ايڊووڪيٽ جنرل ڪي پي ڪي جي  آفيس ۾ اجلاس به نه ٿيو آهي.

هن چيو ته ان باري ۾ وڏي وزير کي خط لکڻ جي خبر به هٿ ٺوڪي آهي. عدليه ۽ پي ٽي آءِ  وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جي لاءِ پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ۽ مخصوص سيٽن بابت ڪيس خراب ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙيون خبرون هلايون پيون وڃن. اسان کي هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي سمورن ججز تي ڀروسو آهي.

ياد رهي ته چيف جسٽس پاڪستان سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جو 13 رڪني فل ڪورٽ جوڙي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔