ڀارت ۾ سخت گرمي: چونڊ عملي جي 25 اهلڪارن سميت 75 ڄڻا هيٽ اسٽروڪ سبب فوت

نئين دهلي: ڀارت ۾ گذريل ٻن ڏينهن دوران سخت گرمي ۽ هيٽ اسٽروڪ سبب 74 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارت ۾ شديد گرمي جي لهر جاري آهي. ڀارتي رياستن نئين دهلي، پنجاب، هريانه، چندي ڳڙهه، يوپي، مدهيه پرديش، بهار، اڙيسه ۽ جهاڙکهنڊ هيٽ ويو جي اثر هيٺ رهندا.

ڀارتي ميڊيا موجب ٻن ڏينهن دوران هيٽ اسٽروڪ سبب فوتين جو انگ 74 ٿي ويو آهي. هيٽ اسٽروڪ سبب فوت ٿي ويلن ۾ چونڊ عملي جا 25 اهلڪار به شامل آهن.

ٻئي طرف ڀارتي موسميات کاتي اڄ 10 رياستن ۾ هيٽ ويو جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته اوڀر ڀارت ۾ موجوده گرمي جي لهر وڌيڪ 2 ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ڀارتي گادي واري شهر نئين دهلي ۾ هن هفتي ملڪ جو هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ گرمي پد 52.9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو پر ايندڙ ڏينهن ۾ اتر، اوڀر ۽ مغرب ۾ گرمي پد ۾ واضح گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔