وزيراعظم جي سفارش باوجود پيٽرول جي قيمت 15 روپيه في ليٽر گهٽ نه ڪرڻ جو قدم چيلينج

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي سفارش باوجود پيٽرول جي قيمت 15 روپيه في ليٽ رگهٽ ڪرڻ جو قدم لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم جي سفارشن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه ڪرڻ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ اظهر صديق درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي پيماني تي گهٽتائي ٿي آهي. وزيراعظم پيٽرول جي قيمت 15 روپيه في ليٽر گهٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي.

ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي سفارش رد ڪري غيرقانوني قدم کنيو. درخواستگذار عدالت کان استدعا ڪئي ته عدالت وزيراعظم جي سفارش موجب پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري  ڪري.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم طرفان پيٽرول جي قيمت ۾ 15 روپيه 50 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 روپيه 90 پئسا گهٽ ڪرڻ جي هدايت باوجود پيٽروليم ڊويزن طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي ڪئي وئي هئي.

وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي جي هدايت ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته موجوده حڪومت جي عوام دوست پاليسين جي نتيجي ۾  مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي ۽ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي.

ناڻي واري وزارت طرفان وزيراعظم جي هدايتن جي ابتڙ ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپيه 74 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيه 86 پئسا گهٽ ڪرڻ جي اهڙي قدم کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان وضاحت جاري ڪندي چيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 4.74 روپيه جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3.86 روپيه گهٽ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔