آءِ ايم ايف پارليامينٽ ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن جا فنڊ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 2024-25 جي بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن سبب وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ تبديليون ڪندي آءِ ايم ايف جي تجويز تي پارليامينٽ ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن جا جا فنڊز ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب  هلندڙ مالي سال دوران پارليامينٽ ميمبرن کي 61 ارب روپين جون اسڪيمون ڏنيون ويون هيون.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ جي تجويز ڪيل صوبائي نوعيت جي منصوبن تي فنڊنگ به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ صحت جي ترقياتي بجيٽ 26 ارب روپين مان گهٽ ڪري 17 ارب روپيه گهٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب تعليمي شعبي جو ترقياتي بجيٽ 83 ارب روپين کان گهٽ ڪري 32 ارب روپيه مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. روڊن، ۽ موٽرويز جو ترقياتي بجيٽ 245 ارب روپين مان گهٽ ڪري 173 ارب روپيه رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔