نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ 3 روپيه 76 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: نيشنل پاور ريگوليٽري اٿارٽي نيپرا ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪراچي سميت سڄي ملڪ جي بجلي صارفين لاءِ قيمتن ۾ 3 روپيه 76 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

رپورٽ موجب نيپرا فيصلي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻي ڇڏي. رپورٽ موجب نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي طرفان بجلي جي قيمتن ۾ 3 روپيه 76 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ٽه ماهي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڏني وئي آهي

بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري جو فيصلو جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي 3 مهينن جي لاءِ هوندو. قيمتن ۾ واڌ جي فيصلي سان بجلي صارفين تي 46 ارب 61 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو اضافي بار پوندو.

بجلي صارفين سان اضافي وصوليون جون کان آگسٽ 2024 ۾ ڪيون وينديون. نيپرا جي فيصلي موجب جون 2024 ۾ بجلي صارفين سان في يونٽ هڪ روپيو 90 پئسن جي وصولي ٿيندي. جولاءِ ۾ في يونٽ 93 پئسا جي حساب سان وصوليون ڪيون وينديون. آگسٽ ۾ به في يونٽ 93 پئسن جون وصوليون ڪيون وينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔