انڊونيشيا ۾ همراهه جي ڪنوار شادي جي 12 ڏينهن بعد مرد نڪري پئي

جڪارتا : انڊونيشيا ۾ هڪ شهري سان شاديءَ ۾ دوکو ٿي يويو. سندس شادِيءَ جي 12 ڏينهن بعد ڪنوار عورت نه پر مرد نڪتي

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 26 ورهين جي اي ڪي نالي شخص سان هڪ جوابدار ادندا ڪنزا نالي عورت بڻجي فراڊ ڪيو. جوابدار پيسا حاصل ڪرڻ لاءِ اي ڪي سان فراڊ ڪيو. اي ڪي جو چون آهي ته ادندا سان سندس ملاقات هڪ سال اڳ انسٽاگرام تي ٿي هئي، جنهن بعد ٻئي ڊيٽنگ ڪرڻ لڳا

ادندا هر ملاقات ۾ نقاب ڪري ايندي هئي، جنهن کي هن جو مذهب سان لڳاءُ سمجهيو. ميڊيا رپورٽن موجب هڪ سال تائين لاڳاپي ۾ رهڻ بعد ٻنهي شادي ڪري ورتي، تقريب ۾ ڪنوار جي گھر ڀاتين مان ڪير به شريڪ نه ٿيو، جنهن تي انددا اي ڪي کي ٻڌايو ته سندس فيملي ۾ ڪير به نه آهي، هو اڪيلي آهي، پر شادي بعد زال جي پري رهڻ اي ڪي کي شڪ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو

12 ڏينهن بعد اي ڪي پنهنجي ڪنوار جي حقيقت جو پتو لڳايو ۽ اهو ڄاڻي دنگ رهجي ويو ته ادندا عورت نه پر مرد آهي. اي ڪي کي اهو به پتو پيو ته ادندا جا والدين به جيئرا آهن. انهن کيس ٻڌايو ته هن اصل ۾ هڪ مرد سان شادي ڪئي آهي، سندس ڪنوار جي سڃاڻپ اي ايس ايچ نالي نوجوان سان ٿي آهي. پوليس موجب ادندا جو آواز ۽ لهجو بلڪل عورتاڻو آهي، ان ڪري ان جي عورت هجڻ تي ايترو جلدي شڪ نٿو ڪري سگھجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔