ورلڊ ڪپ مختلف راند آهي، بهتر نتيجا ڏينداسين: بابر اعظم

لنڊن : قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته سيريز هارائڻ افسوس جوڳو آهي، سيريز کٽڻ کانپوءِ اعليٰ حوصلي سان ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ وڃڻ ضروري هو.لنڊن ۾ ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بابر اعظم چيو ته ورلڊ ڪپ بلڪل مختلف راند آهي ۽ بهتر نتيجا ڏيندو.هن چيو ته بلاشڪ بيٽسمينن وچين اوورن ۾ ذميواراڻي بيٽنگ نه ڪئي ۽ وڪيٽون وڃايون.بابر اعظم چيو ته بالرن به سٺي بالنگ نه ڪئي ۽ وڌيڪ رنسون ڏنيون، اعظم خان سميت سڀني کي ميرٽ تي چونڊيو ويو، شڪست کانپوءِ سوال اٿاريا ويا.هن وڌيڪ چيو ته رانديگرن کي جديد ڪرڪيٽ کيڏڻو پوندو، کٽڻ لاءِ اسٽرائڪ ريٽ به وڌائڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔