آذر بائيجان جي پرڏيهي وزير جي آرمي چيف سان ملاقات

راولپنڊي :آذربائيجان جو پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جي ايڇ ڪيو راولپنڊي پهتو، جتي هن آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران علائقائي امن ۽ استحڪام سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان جا آذربائيجان سان پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، آذربائيجان جو پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ ڀائيواري جو خواهشمند آهيون،جنرل عاصم منير دفاع ۽ سڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ملڪ جي غير متزلزل عزم کي ورجايو.آرمي چيف جنرل عاصم منير آذربائيجان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ بهادري کي ساراهيو.ملاقات ۾ آذربائيجان جي پرڏيهي معاملن واري وزير جيهون بيراموف به پاڪستان جي آذربائيجان جي مسلسل حمايت جي واکاڻ ڪئي.آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف به علائقائي استحڪام ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار جو اعتراف ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔