شيخ رشيد اعتراف ڪيو آهي ته ايٽمي ڌماڪن وقت ڀڄي ويو هو: راناثناءُالله

لاهور:مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر رانا ثناءُالله چيو آهي ته شيخ رشيد اهو اعتراف ڪري ورتو آهي ته ايٽمي ڌماڪن وقت هو ڊڄي ملڪ مان ڀڄي ويو هو.رپورٽ موجب ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد اڄ پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته ڌماڪن وقت نوازشريف سميت پوري ڪابينه مخالف هئي ڌماڪا مون، راجا ظفرالحق ۽ ايوب خان ڪيا هئا. شيخ رشيد وڌيڪ چيو هو ته ايٽمي ڌماڪن وقت منهنجي ڊيوٽي اهڙي هئي جو مون کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻو پيو. هي ملڪ جي راز جي ڳالهه آهي ۽ ان کي راز ۾ ئي رهڻ گهرجي.وفاقي وزير جي بيان تي رد عمل ڏيندي مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر رانا ثناءُالله چيو هو ته شيخ رشيد اهو اعتراف ڪيو آهي ته ايٽمي ڌماڪن وقت مان ڊڄي ملڪ مان ڀچي ويو هئس. مشڪل وقت ۾ وفاداري بدلائيندڙ اڄ ايٽم بم جو ڪريڊٽ وٺي رهيا آهن.رانا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته شيخ رشيد اڄ ان جو ترجمان آهي جيڪو ان کي پٽيوالو رکڻ جي لاءِ به تيار نه هو. عمران نيازي ۽ شيخ رشيد جي گڏيل نشاني ڪوڙ ۽ يو ٽرن آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔