سلميٰ آغا جي ڪري فلمي ڪيريئر ۾ تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو : جاويد شيخ

لاهور : پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مشهور ۽ معروف اداڪار جاويد شيخ انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ٻي زال ۽ اداڪارا سلميٰ آغا کيس ڪيتريون ئي هٽ فلمون ڪرڻ کان منع ڪئي، جنهن سبب کيس پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ تمام گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.تازو ئي جاويد شيخ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب چينل کي هڪ انٽرويو ڏنو، جنهن ۾ هن پنهنجي اڳوڻي زال ۽ مشهور اداڪارا سلميٰ آغا جي ڪري پنهنجي فلمي ڪيريئر کي پهتل وڏي نقصان جي ڳالهه ڪئي.هن انڪشاف ڪيو ته سلميٰ آغا جي ڪري هن ماضي ۾ بالي ووڊ جي هڪ وڏي فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو وڃائي ڇڏيو. هن چيو ته پهرين شادي سلميٰ آغا سان شادي ڪرڻ سبب ختم ٿي هئي، ان سان شادي 3 کان 4 سال ئي هلي سگهي، ان دوران منهنجا ٻه ٻار مون کان جدا ٿي ويا، جنهن ڪري مون کي پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ تمام گهڻو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. .يوٽيوب جي سوال جو جواب ڏيندي جاويد شيخ تفصيل سان ٻڌايو ته فلم ڪيريئر دوران کيس پنهنجي ٻي ۽ اڳوڻي زال اداڪارا سلميٰ آغا جي ڪري نقصان پهتو.سينيئر اداڪار چيو ته مان ڀارت ۾ فلم خون بهاري مانگ ڪري رهيو هوس، مون کي ريڪا سان ڪاسٽ ڪيو ويو پر مون کي فلم ڪرڻ کان زبردستي روڪيو ويو، بعد ۾ فلم ۾ منهنجي بدران ڪبير بيدي کي ڪاسٽ ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔