پهرين جون کان پيٽرول سستو ٿيندو؟ اوگرا جو اهم بيان

اسلام آباد: آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي بابت گردش هيٺ خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.

اوگرا ترجمان وضاحت ڪئي ته پيٽروليم شين جي اگهن بابت سموريون خبرون بي بنياد آهن، اگهن بابت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ آهي ۽ اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن بابت 31 مئي تي ورڪنگ ڪندي.

واضح رهي ته ذريعن دعويٰ ڪئي هئي ته پهرين جون کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ 4 رپيا لاٿ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ هو ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ سبب پيٽرول 4 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل ساڍا 3 رپيا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.

ياد رهي ته 15 مئي تي به حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔