خيبرپختونخواهه جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي: پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافو غور هيٺ

پشاور: خيبرپختونخواهه جي سالياني بجيٽ 25-2024 جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

ناڻي کاتي جي ذريعن ٻڌايو آهي ته سالياني بجيٽ  حجم 1700 ارب روپين کان وڌيڪ هوندو. سالياني ترقياتي پروگرام جي لاءِ 200 ارب روپيه رکڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.

سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافو غور هيٺ آهي. صوبي ۾ پراپرٽي ٽيڪس شرح ۾ گهٽتائي، سگريٽن تي ٽيڪس لڳائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

بلديات کاتي لاءِ 9 ارب، ترقياتي بجيٽ ۾ 3 نوان 99 پراڻا منصوبا شامل آهن. ناڻي کاتي بجيٽ تجويزن ۽ سفارشن جي سمري وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي. سڀاڻي صوبائي ڪابينه بجيٽ تجويزن جي منظوري ڏيندي.

ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي عوام لاءِ بجيٽ ۾ ڪيتريون ئي خوشخبريون آهن. قبائلي اصلاح يا عوام تي سڌو سنئون ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳائي رهيا آهيون.

ٻين صوبن ۾ رجسٽرڊ گاڏين تي روڊ ٽيڪس جو فيصلو غور هيٺ آهي. ماليات سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ اصلاحات آڻي رهيا آهيون. ياد رهي ته صوبائي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي. تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو آهي جڏهن وفاقي بجيٽ کان اڳ صوبائي بجيٽ پيش ٿي رهيو آهي.

ڀ

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔