اپوزيشن سان اختلافن جو حل ڳالهين ۾ آهي، گيلاني

ڪراچي : وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي. هن مقبري تي رکيل زائرين جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات پڻ قلمبند ڪيا. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به مزار قائد تي حاضري وقت ساڻس گڏ هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي وقتي صدر چيو ته قائداعظم محمد علي جناح برصغير جو سچو ليڊر هو ۽ اسان جي نوجوانن کي ان حقيقت کان آگاهه ٿيڻ گهرجي ته هو (قائد) سچا ليڊر هئا ۽ هن ئي پاڪستان ٺاهيو هو، تنهن ڪري اسان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا. ‘اسانکي اونداهي ڪمري ۾ ڪاري ٻلي پويان ڊوڙڻ نه گهرجي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سندس والد قائداعظم محمد علي جناح جو ساٿي هو ۽ جڏهن قائد اعظم 1940ع ۾ لاهور آيو هو ۽ کانئس پڇيو ويو ته هو ملتان ڇو نه آيو آهي، ته هن چيو ته گيلاني منهنجي نمائندگي ڪرڻ لاءِ ملتان ۾ موجود آهي ان ڪري مونکي ملتان جي دوري جي ضرورت نه آهي. گيلاني چيو ته قائداعظم ملتان نه آيو پر فاطمه جناح اسان جي درگاهه تي حاضري ڀري هئي. هن چيو ته هو پهريون ڀيرو قائداعظم جي مزار تي پهتو ۽ قائداعظم، نواب لياقت علي خان، محترمه فاطمه جناح، نورالامين ۽ اسان جي سمورن ابن ڏاڏن جي مزارن تي فاتحه خواني ڪئي. هن چيو ته اسان جو ملڪ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي چڪو آهي پر اسان خوش قسمت آهيون جو پاڪستان جي ڪل آبادي جو 65 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آهي، هن چيو ته نوجوان اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ اهي ئي مستقبل جا اڳواڻ هوندا. هن بلاول ڀٽو زرداري جو نالو به ورتو جيڪو پاڪستان پيپلز پارٽي جو نوجوان چيئرمين پڻ آهي. وقتي صدر چيو ته جيتوڻيڪ سندس پارٽي حڪومت جو حصو ناهي پر ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهيا آهيون. مخالف ڌر سان ڳالهين بابت سوال جي جواب ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڳالهيون ئي مسئلن جي حل جو رستو آهي پر اڳوڻي حڪومت ڳالهين جي خلاف هئي جيڪا سندن وڏي غلطي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔