سرڪاري ادارن ۽ بئنڪن تي سائبر حملن جو الرٽ جاري

اسلام آباد: سرڪاري ادارن ۽ اعليٰ آفيسرن کي نشانو بڻائيندڙ سائبر ڪرائم مهم جي حوالي سان ايڊوائزري جاري ڪئي وئي آهي.سائبر ڪرائم مهم جي حوالي سان ايڊوائزري نيشنل ڪمپيوٽر ايمرجنسي رسپانس ٽيم (سي اي آر ٽي) جاري ڪئي آهي. جاري ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته سائبر مهم هلائيندڙ حساس ڊيٽا چوري ڪري سگهن ٿا سسٽم ۾ داخل ٿيڻ سان ۽ حساس ڊيٽا چوري ڪري فشنگ ذريعي، هيڪنگ جي مختلف حڪمت عملين، ٽيڪنڪ ۽ فشنگ پي ڊي ايف دستاويزن سميت يو آر ايل جي ڪلڪن سان به هيڪنگ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا. سڀني سرڪاري اداران ۽ بئنڪن کي مشورو ڏنو ويو آهي ته هو سائبر حملن جي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ ضروري اپاءَ ورتا وڃن. سرڪاري دستاويزن جي محفوظ هينڊلنگ يقيني بنائي وڃي ۽ اي ميل سيڪورٽي اپاءَ وڌايا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔