ملڪ ۾ سون هڪ ڀيرو وري وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ سون وڌيڪ مهانگو ٿي ويو.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار 100 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 48 هزار 100 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 658 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 12 هزار 706 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 30 ڊالر واڌ سان 2414 ڊالر في اونس آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔