وزيراعظم شهباز شريف پاران بشڪڪ ۾ پاڪستاني شاگردن تي حملن جي واقعن تي ڳڻتيءَ جو اظهار

وزيراعظم شهباز شريف پاران بشڪڪ ۾ پاڪستاني شاگردن تي حملن جي واقعن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي

پاڪستاني سفير کي شاگردن کي گهربل هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ جون هدايتون، وزيراعظم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بشڪڪ ۾ پاڪستاني سفير حسن علي ضيغم سان رابطي ۾ آهيون

حسن علي ضيغم وزيراعظم کي فون تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حملن جي واقعن ۾ ڪو به پاڪستاني شاگرد مارجي نه ويو آهي، سفارتخانو زخمي ۽ ڦاٿل شاگردن جي مدد ڪري رهيو آهي، وزيراعظم بشڪڪ ۾ ڦاٿل شاگردن جي والدين کي به بروقت معلومات فراهم ڪرڻ جي هدايت

وزيراعظم چيو ته جيڪي زخمي پاڪستاني شاگرد واپس اچڻ چاهين ٿا انهن کي وطن آڻڻ جو فوري بندوبست ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔