خوشاب ۾ ٽرڪ کاهيءَ ۾ڪِري پئي، هڪ ئي خاندان جا 14 ڄڻا فوت

خوشاب: پنجاب جي ضلعي خوشاب ۾ ٽرڪ بي قابو ٿي کاهيءَ ۾ وڃي ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا فوت ۽ 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ذريعن موجب حادثو خوشاب ۾ پنج پير پناوان روڊ تي بريڪ فيل ٿيڻ سبب پيش آيو، جنهن سبب ٽرڪ بي قابو ٿي کاهيءَ ۾ ڪري پئي.

ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته حادثي ۾ عورتن سميت 14 ڄڻا فوت، جڏهن ته 12 زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ذريعن موجب فوتين جو واسطو هڪ ئي خاندان سان آهي، متاثر خاندان بنون مان خوشاب وڃي رهيو هو.

ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ کي اسپتال نيو ويو، جن جو علاج جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔