اسيمبلي اجلاس جي پڄاڻي تائين چيما جي ميمبرشپ معطل

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اجلاس جي پڄاڻي تائين وفاقي وزير طارق بشير چيما جي ميمبرشپ معطل ڪري ڇڏي.اسپيڪر طارق بشير چيما جي ميمبرشپ معطل ڪرڻ جو ٺهراءُ اڄ جي اجلاس تائين ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن کي منظور ڪيو ويو.اياز صادق چيو آهي ته ڪالهه اهڙو واقعو ٿيو جنهن سان ڪيترن ئي ميمبرن کي ڏک ٿيو، ڪيترائي ميمبر گڏ ويٺا ۽ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.اسپيڪر اياز صادق چيو ته طارق بشير چيما کي معطل ڪرڻ متفقه فيصلو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔