جهلم درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 6 ڄڻا ٻڏي فوت

لاهور: منڊي بهاءُالدين ۾ جهلم درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا.

منڊي بهاءُالدين جي تعلقي ملڪول ۾ ٻيڙي مسافرن کي کڻي پيران والا کان نور پور پيران وڃي رهي هئي جنهن ۾ 30 ڄڻا سوار هئا.

ريسڪيو اختيارين موجب گاڏي ۽ موٽر سائيڪل کي ٻيڙي ۾ رکي درياءَ پار ڪرڻ دوران حادثو پيش آيو فوت ٿي ويلن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي.

فوت ٿي ويلن جو تعلق پيران والا ضلعي جهلم سان ٻڌايو پيو وڃي فوت ٿيل عورتن جون عمرون 40 کان 50 جڏهن ته ٻارن جون عمرون 2 کان 8 ورهين وچ ۾ آهن.

ريسڪيو اختيارين موجب 7 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. جن کي ملڪول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ٻين ماڻهن کي بچائڻ لاءِ آپريشن جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔