عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽتائي بعد ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ به پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول 1.86 ڊالر سستو ٿي 107.16 ڊالر في بيرل ٿي ويو، جڏهن ته ڊيزل جو اگهه 4.30 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 104.76 ڊالر في بيرل تي اچي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽتائي کانپوءِ ملڪ ۾ به پيٽرول جي قيمت 4.50 رپين کان 5 رپين تائين گهٽجڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل 7 رپيا في ليٽر تائين سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت 30 اپريل تي پيٽروليم شين جي اگهن تي نظرثاني ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔