اسيمبلي ۾ پارٽي پوزيشن جاري، ن ليگ سرفهرست

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن طرفان قومي اسيمبلي جي پارٽي موقف جاري ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن موجب مسلم ليگ ن قومي اسيمبلي ۾ سڀ کان وڏي پارٽي آهي، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل قومي اسيمبلي ۾ ٻي ۽ پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي ۾ ٽئين نمبر تي وڏي پارٽي آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته مسلم ليگ ن جي ميمبرن جو انگ وڌي 120 ٿي ويو آهي جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن جو انگ 82 ٿي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ سيٽن جو انگ 71 ٿي ويو آهي، جڏهن ته آزاد ميمبرن جو انگ 7 آهي. قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم 21، جي يو آءِ 11 ۽ مسلم ليگ (ن) وٽ 5 سيٽون آهن.اليڪشن ڪميشن موجب استحڪام پاڪستان پارٽي کي 4، ايم ڪيو ايم، ضياءَ مسلم ليگ، بلوچستان عوامي پارٽي کي هڪ هڪ سيٽ ملي آهي.بلوچستان نيشنل پارٽي، نيشنل پارٽي ۽ پختونخوا ملي عوامي پارٽي کي به هڪ هڪ سيٽ ملي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔