پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ملي،ٻڌڻي ملتوي

ڪراچي: تحريڪ انصاف کي ڪراچي جي جناح گرائونڊ ۾ 28 اپريل تي جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ملي سگهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جلسي جي اجازت نه ملڻ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي 6 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ کان سوال ڪيو ته ڇا توهان جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي؟ ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل چيو ته دهشتگرديءَ جو خطرو آهي، ايس ايس پي ايسٽ جي رپورٽ به سامهون آئي آهي، ملير ۾ هڪ ڌماڪو به ٿي چڪو آهي ۽ وڌيڪ ٿريٽس به آهن چيف جسٽس پڇيو ته ڇا هي 9 مئي جو واقعو ٻيهر ڪندا؟ رپورٽ ڏسي مزو نه آيو، ڳالهه اها آهي ته توهان کي هنن کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻي آهي ۽ هنن جو به اهو ئي گمان آهي، عدالت ٻڌڻي 6 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔