دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا: آمريڪا

واشنگٽن: آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگردن کان گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي ۽ اسان دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا.پرڏيهي خابرو اداري موجب ميڊيا بريفنگ ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته طالبان کي گهرجي ته افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿين.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته عالمي قانون سازي لاءِ طالبان کي پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ گهرجن، افغانستان کي دهشتگردن جي محفوظ پناهه گاهه نه بڻجڻ گهرجي جيڪي آمريڪا يا ان جي اتحادين کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان دهشتگردن هٿان تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستاني اڳواڻن سان رابطي ۾ آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔